نوشهروفيروز(ن س )دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنري ۾ پلاٽ جي مالڪي تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 9 ڄڻا رتو رت ٿي پيا جھيڙي ۾ لٺيون ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا امتياز خاصخيلي, محمد حمزو خاصخيلي, ذوالفقار خاصخيلي محمد حنيف ۽ محمد صفر خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا ٻي ڌر جا دانش خاصخيلي عبدالرحمان خاصخيلي عبدالغني خاصخيلي زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي علاج لاء دريا خان مري اسپتال آندو ويو جھيڙي ۾ زخمي ٿيل امتياز خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته عبدالحق خاصخيلي ٽائون ڪاميٽي درياخان مري جو وائيس چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ اسان جي پلاٽ تي ناجائز قبضو ڪري ڏاڍ مڙسي ڪري اسان جي پلاٽ تي اڏاوت ڪري رھيو آھي جنھن جي شڪايت چئيرمين ۽ شھر جي معززين کي پڻ ڪئي آهي ان باوجود اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو جڏھن ته ٻي ڌر جي عبدالصمد خاصخيلي چيو ته پلاٽ اسان جو آھي جنھن جي رجسٽري پڻ موجود آھي امتياز خاصخيلي واري ڌر اسان جي پلاٽ تي ھلندڙ ڪم روڪرائي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا جڏھن ته ٻنھي ڌرين پاران دريا خان مري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي
مشهور خبرون










