پلاٽ تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو ٻارڙن سان گڏ احتجاج

پلاٽ تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو ٻارڙن سان گڏ احتجاج

ٺاروشاهه (ن س) ڳوٺ ٻانهون خان تيوڻو جي رهواسين لقمان تيوڻو پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب ٺاروشاهه ۾ پلاٽ تي قبضي ۽ قبضا خور مافيه ممتاز دلشير تيوڻو ۽ ٻين خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته قبضه خور ممتاز پنهنجن ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان تي ۽ اسان جي معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو جڏهن ته اسان جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي اسان قبضه خورن خلاف ٺاروشاهه ٿاڻي تي فرياد داخل ڪيو پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو. جڏهن ته اسان ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي درخواست ڏني جنهن درخواست ٺاروشاهه ٿاڻي تي فاروڊ ڪري ڏني پر پوليس اسان جو مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ رشوت طلب ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسان سان انصاف نه ٿيو ته اسان قبضه خور مافيه ۽ پوليس خلاف ٺاروشاهه ٿاڻي آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين هنن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو