پشين، ايمبولينس مان 600 ڪلو چرس هٿ

پشين، ايمبولينس مان 600 ڪلو چرس هٿ

پشين (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي پشين جي علائقي ساران ۾ ليويز ڪارروائي ڪندي ايمبولينس مان 600 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ليويز اختيارين موجب خالي ايمبولينس گلستان کان ڪوئيٽا طرف اچي رهي هئي ته ليويز اهلڪارن ساران وٽ ان جي تلاشي ورتي.ليويز اختيارين ايمبولينس مان 600 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.اختيارين موجب جوابدارن چرس سمگل ڪرڻ لاءِ مني بس کي ايمبولينس ۾ تبديل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو