پشاور جي ڪوئٽا کي 118 رنز تان شڪست، بابر جي سينچري

پشاور جي ڪوئٽا کي 118 رنز تان شڪست، بابر جي سينچري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا جي سڄي ٽيم 18.1 اوورن ۾ 137 تي ڍير ٿي وئي، پشاور کيس 118 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. باسط علي ۽ علي رضا 3. 3 وڪيٽون ورتيون، ايرون هارڊي 2، پريسويل ۽ سفيان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پشاور 15 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي ۽ايندڙ مرحلي لاءِ ڪولايفاءِ ڪري ورتو آهي. هن سيزن ۾ پشاور هن مهل تائين ناقبل شڪست رهي آهي. تمام وڏي ٽارگيٽ لاءِ ڪوئٽا جي بيٽنگ شروع ٿي ته 22 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل 12 رنز ٺاهي باسط جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو، ساڳئي بالر جي اڳئين بال تي رائلي روسو به زيرو تي ڪيچ ٿي ويو، هيٽ ٽرڪ چانس هو ته حسن نواز آيو هن سلپ ۾ چوڪو هنيو ڪيپر نه پهچي سگهيو، سلپ ۾ فيلڊر هجي ها ته هيٽ ٽرڪ ٿي سگهي پئي. 36 جي اسڪور تي حسن نواز به ڪيچ ٿي ويو، هن 5 رنز ٺاهيون، دنيش چندي مل 8 بالن تي 19 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد بيون جيڪب ۽ جهانداد خان اسڪور اڳتي وڌايو پر جهانداد 15 بالن تي 13 رنز ٺاهي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪوئٽا لاءِ ميچ کٽڻ ناممڪن ٿي ويو. ثاقب خان هڪ چوڪو هڻي هارڊي جو ساڳئي اوور ۾ ٻيو شڪار بڻيو ۽ ڪيچ ٿي ويو. 120 جي اسڪور تي بيون جيڪب 17 بالن تي 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ابرار به هڪ رن ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد الزاري جوزف  19 تي ناٽ آئوٽ رهيو، آخري آئوٽ ٿيندڙ عثمان طارق هو . جنهن 15 بالن تي 7 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ ڪوئٽا ٽاس کٽي پشاور کي بيٽنگ جي دعوت ڏني جيڪو سندن لاءِ مهانگو ثابت ٿيو. پشاور 3 وڪيٽن جي نقصان تي ٽورنامينٽ جو وڏي ۾ وڏو اسڪور 255 رنز ڪيو، بابر اعظم 100 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. پي ايس ايل جي تاريخ ۾هي سندس ٽئين سينچري آهي. اوپنر محمد حارث 6 بالن تي 16 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪسال مينڊس 44 بالن تي 83 رنز ۽ فرحان يوسف 8 بالن تي 19رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. ايرون هارڊي 26 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر 52 بالن تي سينچري ڪئي، سڄي اننگ ۾ رڳو هڪ ڊاٽ بال کيڏيو، هي سندس ٽي ٽوئنٽي ۾ 12 هين سينچري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو