پشاور (ويب ڊيسڪ) شادي جي تقريب ۾ گهوٽ کي هوائي فائرنگ ڪرڻ مهانگي پئجي وئي، پشاور ۾ پوليس گهوٽ سميت 12 ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ڪئي.پشاور پوليس موجب، تهڪال پوليس اسٽيشن جي ٻيلي بازار واري علائقي ۾ شادي جي تقريب دوران زبردست فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.پوليس عملدارن وائرل وڊيو جو نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو، جنهن کان پوءِ ڊي ايس پي ٽائون سرڪل ارباب نعيم حيدر جي نگراني ۾ ملوث جوابدارن کي ڳولي ورتو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ گهوٽ جبران ۽ ٻيا شامل آهن.جوابدارن جي قبضي مان هڪ ايل ايم جي بندوق، هڪ ايم فور رائفل، ٻه ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن خلاف تهڪال پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي.










