پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سعودي هم منصب سان ملاقات

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سعودي هم منصب سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رياض ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي.ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان-سعودي رابطا ڪائونسل جي تحت سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس جي صدارت ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل طور تي ڪئي.رپورٽن مطابق ملاقات ۾ ٻنهي طرفن سياسي ۽ سيڪيورٽي شعبن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو