ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب 26 اپريل تائين پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 13 ارب 31 ڪروڙ 60 لک ڊالر هئا، هڪ هفتي دوران ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 3 ارب 55 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.نون انگن اکرن موجب اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 2.48 ارب ڊالر وڌي 8 ارب ڊالر ٿي ويا آهن.اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا هڪ ڪروڙ ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 5 ارب 31 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن.










