الاهي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

الاهي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا پرويز الاهي، راسخ الاهي ۽ زارا الاهي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض اٿاريو ويو ته درخواست ۾ به اها ئي درخواست ڪئي وئي آهي جيڪا اڳئين درخواست ۾ ڪئي وئي هئي. پرويز الاهي ۽ ٻين طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پرويز الاهي خلاف داخل ڪيسن ۾ عدالتن مان ضمانتون منظور ڪيون ويون آهن. هو 20 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين عمرو ادا ڪري برطانيه وڃڻ چاهي ٿو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذارن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ هجڻ سبب درخواستگذارن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.درخواستگذارن استدعا ڪئي ته عدالت پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالا ڪڍڻ جو حڪم ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو