پرويز الاهي آزادي بعد وري گرفتار، رمانڊ منظور، لاهور روانو

پرويز الاهي آزادي بعد وري گرفتار، رمانڊ منظور، لاهور روانو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڊيالا جيل مان آزاد ڪيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جو راهداري رمانڊ منظور ڪيو ويو.جيل انتظاميا موجب پرويز الاهي کي اڊيالا جيل مان نظربندي جو حڪم مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويو.ذريعن موجب نيب راولپنڊي چوڌري پرويز الاهي کي جيل مان آزاد ٿيندي ئي حراست ۾ ورتو.چوڌري پرويز الاهي کي جڊيشل ڪمپليڪس راولپنڊي جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ خالد حيات جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.نيب عدالت کي چوڌري پرويز الاهي جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊيوٽي مئجسٽريٽ خالد حيات فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جنهن بعد ڊيوٽي مئجسٽريٽ چوڌري پرويز الاهي جو عبوري رمانڊ منظور ڪيو، جنهن بعد نيب ٽيم کيس حراست ۾ وٺي لاهور روانو ٿي وئي. چوڌري پرويز الاهي کي سڀاڻي لاهور جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.صحافي پاران سوال ڪيو ويو ته چوڌري صاحب کي بار بار گرفتار ڪيو پيو وڃي، جنهن تي پي ٽي آءِ صدر چيو ته کيس پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو