پاڪ چين لاڳاپا باهمي اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن: نقوي

پاڪ چين لاڳاپا باهمي اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن: نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چين پاڪستان جو هڪ قابل اعتماد دوست آهي جنهن هر ڏکئي وقت ۾ ان جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ چين-چين لاڳاپا باهمي اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن.چيني سفير جيان زي تنگ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران پاڪ-چين ٻطرفا لاڳاپا ۽ باهمي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.ملاقات دوران چيني سفير اسلام آباد ۾ خودڪش حملي جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي محسن نقوي سان تعزيت جو اظهار ڪيو.محسن نقوي چيو ته پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي.چيني سفير چيو ته چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان به واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان مڪمل تعاون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو