پاڪ نيوزيلينڊ ٽي 20 سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 18 کان 27 اپريل تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.احسن رضا ۽ عليم ڊار امپائر جي پينل ۾ شامل آهن جڏهن ته اينڊي پائڪرافٽ ميچ ريفري هوندو.امپائرز احسن رضا، عليم ڊار، آصف يعقوب، راشد رياض ۽ فيصل آفريدي سيريز جي ميچن جي نگراني ڪندا جڏهن ته زمبابوي جو اينڊي پائڪرافٽ آءِ سي سي ميچ ريفري جا فرض سرانجام ڏيندو.67 سالن جي پائڪرافٽ 144 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ امپائرنگ ڪري چڪو آهي ۽ پنجن ميچن ۾ امپائرنگ ڪري هو سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ميچ ريفريز جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو