راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي فضائي فوج جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب بنگلاديش جي فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل حسن محمود خان ايئر هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد پهتو جتي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو انهي جو استقبال ڪيو. انهي موقعي تي بنگلاديش جي فضائيه جي سربراهه کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.ملاقات جي دوران ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو بنگلاديشي فضائيه لاءِ جامع تربيتي تعاون جو يقين ڏياريو. ڌرين جي وچ ۾ سپرمشتاق ٽرينر جهازن جي تيز رفتار فراهمي ۽ ڊگهي وقت تائين مدد تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب انهي دوري جي موقعي تي بنگلاديش جي فضائيه جي پراڻي فليٽ جي مينٽينس ايئر ڊفينس ريڊار سسٽمز ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جهازن جي امڪاني خريداري تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون بنگلاديشي وفد نيشنل آءِ ايس آر سائر ڪمانڊ ۽ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي پارڪ جو به دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن پاڪ بنگلاديش دفاعي لاڳاپن کي ڊگهي مدي جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ واري ارادي جو به اظهار ڪيو.










