پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ معاهدن تي صحيحون

پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي قرضن جا معاهدا ڪيا ويا آهن.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عملدارن پاڪستان سان معاهدن جي تصديق ڪئي آهي.اي ڊي بي اختيارين موجب پاڪستان سان ٿيل معاهدن ۾ بجيٽ فنانسنگ، ڊوميسٽڪ ريسورس موبلائيزيشن پروجيڪٽ کان علاوه عورتن جي مالياتي بااختيارگي سميت ڪل 6 منصوبا شامل آهن.گذريل جمعي ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.ٻئي طرف عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 350 ملين ڊالرن جي قرض جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ کان مجموعي طور 1 ارب 55 ڪروڙ ڊالر ملندا.ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري رائز ٽو پروگرام تحت ڏني وئي، قرض فراهم ڪرڻ جو مقصد پاڪستاني مالياتي انتظام، پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي لاءِ مقابلي جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو