واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هڪ سينيئر آمريڪي اهلڪار اسلام آباد کي يقين ڏياريو آهي ته ٻنهي اتحادين جي وچ ۾ معمولي اختلافن جي باوجود، آمريڪا ۽ پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد تي لاڳاپا برقرار رکيا آهن.رپورٽ موجب اِهو يقين آمريڪي ڪانگريس ۾ تازي قرارداد پاس ٿيڻ کانپوءِ ڏني وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو.پاڪستان آمريڪي ايوان نمائندگان جي ان ٺهراءَ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ انهن خدشن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.آمريڪي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلزبيٿ هورسٽ جمعي جي رات پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ”جيئن ڪنهن به ڊگهي لاڳاپن سان، ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به ٿيندا آهن.هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪيترن ئي سالن کان مستحڪم رهيا آهن، جڏهن ته اسان پنهنجي لاڳاپن ۾ اهو استحڪام ۽ توسيع حاصل ڪئي آهي، جيڪو اسان گذريل ڪيترن سالن ۾ نه ڏٺو آهي.هن چيو ته اسان هاڻوڪي دور ۾ اهڙا ڪم ڪيا آهن جن تي گهڻي عرصي کان نه ڳالهايو آهي، اسان ڳالهين جا نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. اسان واپار جا نوان علائقا ڳوليا آهن ۽ اسان صحت ۽ توانائي، آبهوا جهڙن شين تي تعاون جا طريقا ڳوليا آهن.










