ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جو آواز بڻجندو ۽ سڄي دنيا ۾ گونجندو.ڪشميرين جي استحصال واري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلم غير انساني آهن، ڀارت جارحاڻي قدمن ذريعي ڪشميرين کي ووٽ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهي.مراد علي شاهه چيو ته ڀارت جو مکرو چهرو دنيا آڏو پڌرو ٿي ويو آهي، سڄي دنيا کي ڪشمير تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪشمير پاڪستان جو اٽوٽ حصو آهي ۽ هر فورم تي ڪشميرين جو آواز اٿارينداسين.هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 واري قدم ڀارت جي ٻٽي سيڪيولرزم جي جهنڊي کي ٽوڙي ڇڏيو.










