پاڪستان کي دنيا کي ڪاروباري سهولتڪار جي حيثيت ڏيڻي پوندي: علي جهانگير

پاڪستان کي دنيا کي ڪاروباري سهولتڪار جي حيثيت ڏيڻي پوندي: علي جهانگير

پشاور(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير علي جهانگير صديقي پاڪستان نيڪسٽ گريٽ انفراسٽرڪچر ڪنيڪٽر ڊائلاگ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. علي جهانگير صديقي چيو ته پاڪستان کي دنيا کي واپاري راهداري ۽ ڪاروباري سهولتڪار جي حيثيت سان پنهنجي اهميت ٻڌائڻي آهي، پرڏيهي شعبي ۽ سفارتڪاري ۾ به اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۾ انٽرنيٽ جو استعمال وڌندو، اتي فائبر آپٽڪ لنڪ روس، چين ۽ ايران سان ڳنڍيل آهن، ان صورتحال ۾ پاڪستان چوٿين طرف وچ ايشيائي ملڪن کي گهٽ قيمت ۾ فائبر آپٽڪ لنڪ فراهم ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو