پاڪستان پيپلزپارٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) ميرپور ماٿيلو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي ضلع صدر میر بابر علي خان لنڊ ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار بنگل خان مھر ڪئي وفاقي حڪومت سنڌ جون زمينون غير آباد ڪرڻ ٿي چاهي، اڳواڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سڏ تي ميرپورماٿيلو ۾ به پارٽي اڳواڻن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويواحتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ضلع صدر میر بابر علي خان لنڊ ۽ وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار سردار بنگل خان مھر ڪئي احتجاجي مظاهري ۾ عورت ڪارڪنن سميت سوين پارٽي ڪارڪن شرڪت ڪئي ان موقعي تي  مير بابر خان لنڊ بنگل خان مھر ،سڪندر لاکو، مجيد لاکو، رفيق منگي، الهڏوايو ڪنڀر، محمد علي شيخ، اختيار ڪلوڙ، غفار وسير، صفت گبول ،شفقت ميراڻي، رياض ميراڻي غلام حسين سومرو منظور جلباڻي غلام حسين بوزدار اظھر چنو ڪوڙو گبول غلام نبي وسيرغلا نبي ڪلوڙ  زاھد لنڊ جميل لغاري برڪت مھر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ دشمن پاليسي تحت سنڌ جو پاڻي بند ڪيو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جا هاري پريشان آهن ۽ سنڌ جون زمينون غير آباد ٿينديون پيون وڃن 1991 واري فارمولي تحت سڀ صوبا پاڻي جو حق رکن ٿا پر نيازي حڪومت اهو حق به کسي ورتو آهي انهن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي آبادگارن تي رحم کائي ۽ سنڌ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي اگر حڪومت پنهنجي پاليسن تي قائم رهي ته اچڻ وارا ڏينهن حڪومت کي تمام گهڻا پريشان ڪندا ڇو ته سنڌ جي آبادگارن، هارين ۽ مسڪينن جو آواز پاڪستان پيپلزپارٽي آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي مزدورن، هارين سان گڏجي سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هلڻندي

پهنجو تبصرو موڪليو