نيو يارڪ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان وڏي اڪثريت سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ 193 ميمبرن مان سادي اڪثريت سان ڪاميابي لاءِ 124 ووٽ گهربل هئا پر 182 ملڪن پاڪستان جي حمايت ڪئي، جيڪا ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت بڻجي ٿي. جنرل اسيمبلي جي هال ۾ زوردار تاڙيون وڄايون ويون جڏهن ان جي صدر ڊينس فرانسس پنجن غير مستقل سيٽن جي فاتحن جو اعلان ڪيو. پنج نون فاتحن ۾ پاڪستان، ڊنمارڪ، يونان، پاناما ۽ صوماليا شامل آهن. جيڪي جپان، ايڪواڊور، مالٽا، موزمبيق ۽ سوئٽزرلينڊ جي جاءِ والاريندا، جن جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿي رهيو آهي. نوان چونڊيل ميمبر پهرين جنوري 2025 تي عهدو سنڀاليندا. فرانسس سڀني نون چونڊيل ميمبرن کي فتح تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ٻن سالن تائين ميمبر چونڊجي ويو، پاڪستان اڍون ڀيرو ان عهدي تي ڪامياب ٿيو آهي. پاڪستان کان پهريان ايشيا پيسيفڪ گروپ جي سيٽ جاپان وٽ هئي. سلامتي ڪونسل 15 ملڪن تي مشمتل آهي، جنهن ۾ 5 مستقل ميمبر ۽ 10 غير مستقل ميمبر شامل آهن، غيرمستقل ميمبرن کي جنرل اسيمبلي ٻن سالن جي مدي لاءِ چونڊيندي آهي. وزير اعظم شهباز شريف سلامتي ڪونسل جي غيرمستقل ميمبر جي چونڊ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ بيان ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي ڪونسل ۾ غير مستقل ميمبر چونڊجڻ امن ۽ سلامتي لاءِ قوم جي عزم جو ثبوت آهي، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين. نائب وزير اعظم اسحاق ڊار به پاڪستان جي سلامتي ڪونسل جي غير مستقل ميمبر چونڊجڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني.










