پاڪستان جو سائبر حملو، ڀارتي اهم ويب سائيٽون هيڪ

پاڪستان جو سائبر حملو، ڀارتي اهم ويب سائيٽون هيڪ

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) هندستاني جارحيت تي پاڪستان جو جوابي حملو جاري آهي. گهڻيون هندستاني ويب سائيٽون جن ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جون ويب سائيٽون شامل آهن، پاڪستاني سائبر حملي ۾ هيڪ ڪيون ويون.پاڪستان ايئر فورس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سائبر ٽيم ڪرناٽڪا رينيوئيبل انرجي ڊولپمينٽ لميٽيڊ تي سائبر حملو ڪيو، جنهن 235 سولر ۽ ونڊ پاور گرڊ اسٽيشنن کي مڪمل طور تي غير فعال ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي سائبر حملي ۾ بي جي پي جي سرڪاري ويب سائيٽ هيڪ ڪئي وئي. هيڪ ڪيل ويب سائيٽن ۾ ڪرائم ريسرچ انويسٽيگيشن ايجنسي، مهانگر ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ، ڀارت ارتھ موورز لميٽيڊ، آل انڊيا نيول ٽيڪنيڪل سپروائيزري اسٽاف ايسوسيئيشن شامل آهن. هيڪ ڪيل سائيٽن جو پورو مواد ليڪ ڪيو ويو آهي.هيڪ ڪيل ٻين ويب سائيٽن ۾ هندستان ايرووناٽڪس لميٽيڊ، بارڊر سيڪيورٽي فورسز، ۽ يونيڪ آئيڊينٽيفڪيشن اٿارٽي آف انڊيا جو ڊيٽا شامل آهي.ڊيٽا ليڪ ڪيل سائيٽن ۾ انڊين ايئر فورس، مهاراشٽر اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا شامل آهن، ان کان علاوه 2500 کان وڌيڪ نگراني ڪيمرا پڻ هيڪ ڪيا ويا آهن.پاڪستان سائبر اٽيڪ ٽيم مهاراشٽر اسٽيٽ اليڪٽريسي ٽرانسميشن ڪمپني لميٽيڊ کي هيڪ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني سائبر حملي جي نتيجي ۾ مڪمل بجلي بند ٿي وئي.هن حملي جي نتيجي ۾، مهاراشٽر رياست جي سڀني ڪمرشل ۽ گهريلو ميٽرن جا رڪارڊ اڏائي ڇڏيا ويا آهن،ذريعن پاڪستاني هيڪرن هٿ آيل مواد کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڊارڪ ويب تي پيش ڪري ڇڏيو ان ڀارت جو اهم دفاعي مواد پڻ موجود آهي

پهنجو تبصرو موڪليو