اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو آئين مذهبي آزادي ۽ بنيادي حقن جي مڪمل ضمانت ڏئي ٿو.رواداري جي ڏينهن تي عالمي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي، آصف زرداري چيو ته پاڪستان رواداري، امن ۽ باهمي احترام کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.هن چيو ته اسلام انسانيت، رحم ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو، حڪومت سماجي ۽ مذهبي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.پاڪستان جي صدر آصف زرداري جو چوڻ آهي ته غير مسلم شهرين جي حقن جو تحفظ اسان جي ترجيح آهي، ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي پاليسي تي مڪمل طور تي عمل ڪيو پيو وڃي.آصف علي زرداري چيو ته قومي اقليتي حقن جو بل 2025 هڪ اهم پيش رفت آهي.










