اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس بلند ترين سطح تي اچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو مثبت ڏينهن رهيو جتي 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو. عيد جي موڪلن کانپوءِ پهرين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس منفي رجحان سان ڪاروبار شروع ڪيو.ڪاروباري ڏينهن جي هڪ موقعي تي انڊيڪس جي ريڊنگ 70 هزار کان هيٺ 69 هزار 914 جي سطح تي هئي، جڏهن ته 100 انڊيڪس 229 پوائنٽس جي واڌ سان 70 هزار 544 پوائنٽس تي ڪاروبار ختم ڪيو.ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 694 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 55.52 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جيڪو هلندڙ سال 11 جنوري کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪاروبار جو حجم 21.98 ارب رپيا رهيو. مارڪيٽ سرمائيداري اڄ 64 ارب رپيا وڌي وئي آهي ۽ مارڪيٽ سرمائيداري 9 هزار 824 ارب رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو