پاڪستاني آمريڪن کي ويزهه نه ڏيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن:پٽيل

پاڪستاني آمريڪن کي ويزهه نه ڏيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن:پٽيل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پاڪستاني نژاد آمريڪين کي ويزا نه ڏيڻ يا درخواستون رد ڪرڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل کان پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري ۽ سيفرنس واري معاملي تي سوال ڪيا ويا.صحافي سوال ڪيو ته ڇا آمريڪي ڪانگريس سيفر معاملي تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ڊپٽي ترجمان چيو ته اسان ڪيترن ئي معاملن تي ڪانگريس پارٽين سان صلاح مشورا ڪندا آهيون، ڪنهن خاص مسئلي تي نه ڳالهائينداسين.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته اسان صورتحال تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون، پاڪستاني آمريڪين جي ويزا رد ڪرڻ يا درخواستون رد ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي.هن چيو ته پاڪستاني نژاد آمريڪين ۽ ٻين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مادر وطن جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستاني سفارتخانو ويزا سميت درخواست ڏيندڙن کي هر ممڪن قونصلر مدد فراهم ڪندو رهندو.ويدانت پٽيل چيو ته ويزا نيو يارڪ، شڪاگو، هوسٽن، لاس اينجلس جي قونصل خانن مان حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ ويزا جي درخواستن تي 24 ڪلاڪ، هفتي ۾ 7 ڏينهن آن لائن عمل ڪيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو