اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ پاناما جي آءِ ٽي رپورٽ جو جلد نمبر 10 جاري ڪرڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پاناما جي آءِ ٽي جو جلد 10 جاري ڪرڻ لاءِ براڊ شيٽ ڪمپني جي درخواست تي 22 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ ان حوالي سان اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. براڊ شيٽ ڪمپني جو موقف آهي ته نيب شريف خاندان جي پرڏيهي ملڪيتن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي پر نيب ملڪيتن جي ڳولا جو معاوضو ادا نه ڪيو.براڊ شيٽ نيب خلاف برطانيا جي عدالت ۾ واجبات جي وصولي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ براڊ شيٽ پاناما جي آءِ ٽي جو واليم 10 فراهم ڪرڻ جو حڪم طلب ڪيو هو.براڊ شيٽ ڪمپني جلد 10 کي برطانوي عدالت ۾ ثبوت طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي.










