پارٽي ۾ چونڊون نه ڪرائڻ تي ڪميشن جو وزيراعظم کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي وزير اعظم عمران خان کي بطور چيئرمين تحريڪ انصاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، کيس 14 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان انٽرا پارٽي چونڊون ڇو ناهن ڪرايون؟ مرڪزي ۽ صوبائي عهديدارن جي چونڊ ڪرائي کيس رپورٽ 13 جون تائين جمع ڪرائڻي هئي جيڪا هن جمع ناهي ڪرائي. سياسي پارٽين جي 2017 واري قانون موجب 5 سالن لاءِ عهديدار چونڊيا ويندا آهن ۽ جيڪا پارٽي قانون جي خلاف ورزي ڪندي ان کي چونڊ نشان نه ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو