پابندي مڙهيل پلاسٽڪ ٿيلهين خلاف ڪاروائي، گدامن تي ڇاپا

سکر (امداد علي ڪلوڙ)  ڊپٽي ڊائريڪٽر ماحولياتي تحفظ جي اداري اي پي اي سکر پاران سکر ۾ پابندي مڙهيل پلاسٽڪ جي ٿيلهن جو وڪرو ڪندڙ هول سيلرن ۽ ريٽلرن تي ڪاروائي ڪئي وئي.ڪاروائي دوران 20 ڪلو گرام ۾ غير قانوني پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ضبط ڪيون ويون.ان کان علاوه ڪيترن ئي دڪانن تي ڇاپا لڳائي ڊي ڊبليو جي مونوگرام واريون ٿيلهيون ليبارٽري ڏانهن موڪلڻ لاءِ نمونا پڻ ورتا ويا. سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اجمل خان تنيو جي سربراهي ۾ ڪاروائي ڪئي وئي جنهن جو مقصد سنڌ جي ماحولياتي تحفظ جي اداري پاران پلاسٽڪ جي ٿيلهن تي پابندي واري قانون کي عملدرآمد ڪرائڻ آهي ڪاروائي دوران دڪاندارن جي ڳجهن گدامن تي ڇاپا لڳايا ويا جن مان وڏي مقدار ۾ 8×11 سائيزجون ٿيلهيون درآمد ڪيون ويون ان کان علاوا خيرپور، گهوٽڪي ۽ ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ ڪاروائي ڪري مڪمل طور اڻ ڳرندڙ ٿيلهن جي روڪ ٿام ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ماحولياتي تحفظ جي اداري سکر پاران مختلف وسيلن ذريعي دڪاندارن، ريڙهي وارن ۽ عوام الناس کي آگاهي مهم ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته اڻ ڳرندڙ ٿيلهن جو اسان جي ماحول تي خراب اثر پون ٿا جنهن جي ڪري گند ڪچري جا ڍير ۽ نالين جو بند ٿيڻ ۽ زهريلون گيسون ڦهلجڻ جهڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا. تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ ماحول جي تحفظ واري اداري جي ڪوششن سان سنڌ ۾ ماحول دوست پلاسٽڪ جون ٿيلهن جي وڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز جي  تعاون سان قانون تي عمل ڪرايو پيو وڃي ان ڏس ۾ سکر جي آفيس ڪيترن ئي دڪاندارن ۽ هول سيلرن تي ڪورٽ ڪيس پڻ ڪيا آهن ۽ ماحول کي خراب ڪندڙن خلاف ماحولياتي تحفظ جي قانون 2014 تحت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو