ڪراچي(ويب ڊيسڪ)تازو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪرز جوڙي ربيڪا ۽ حسين ترين پنهنجي سلامي جا لفافا ۽ انهن ۾ موجود رقم مداحن سان شيئر ڪئي آهي.
حسين ترين پنهنجي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيل وڊيو ۾، زال ربيڪا سان گڏ شادي دوران سلامي طور ملندڙ لفافا کوليا۔
وڊيو ۾ ربيڪا ۽ حسين ترين کي مشهور اداڪار دانش تيمور سميت پنهنجن وي لاگر دوستن پاران ڏنل سلامين جا لفافا کوليندي به ڏسي سگهجي ٿو۔
وڊيو ۾ ربيڪا حسين ٻڌايو ته ڊاڪٽر مديحا ۽ احسن طرفان 20 هزار، ڪشف ۽ لاريب طرفان 20 هزار، معاذ صفدر طرفان 300 ڊالر، شهير طرفان 25 هزار، جڏهن ته اقرا ۽ اريب طرفان هڪ لک رپيا سلامي ملي.
ان دوران جوڙي دانش تيمور جو لفافو به کوليو، جنهن مان 5-5 هزار جا ڪيترائي نوٽ نڪتا، پر انهن ڪل رقم ظاهر نه ڪئي.
بعد ۾ ربيڪا حسين ٻڌايو ته مجموعي طور سندن سلامي جي رقم 5 لک 18 هزار رپيا ٿي آهي.










