واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي ٿامس ويسٽ چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي علائقائي سالميت لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي.واشنگٽن ۾ هڪ ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي ٿامس ويسٽ چيو ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جيڪو علائقائي سالميت لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي.هن چيو ته ٽي ٽي پي نيٽو اتحاد سان جنگ دوران طالبان جي اتحادي بڻجي وئي، تحريڪ طالبان ۽ طالبان جا لاڳاپا اڄ به تمام گهڻا مضبوط آهن.










