وڏن ايڪسپورٽرز ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن کي ” آنر ڪارڊ“ ملندا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مختلف شعبن جي ٽاپ ايڪسپورٽرز ۽ ٽاپ ٽيڪس ادا ڪندڙ فردن ۽ ڪمپنين کي خصوصي رعايتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ايس آر او جاري ڪري ڇڏيو اهي. ٽيڪس سال 2023 دوران  وڏن ٽيڪس ادا ڪندڙن ۽ ٽاپ ايڪسپورٽرز لاءِ ”پاڪستان آنر ڪارڊ“ جاري ڪيو ويندو. ايف بي آر موجب نامور ٽيڪس ادا ڪندڙن کي اعزازي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا جن کي تازو ئي وزيراعظم طرفان ايوارڊ مليا آهن، اعزازي ڪارڊ حاصل ڪندڙن کي هڪ سال لاءِ سهولتون ۽ مراعتون ڏنيون وينديون. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي 9 وڏن ايڪسپورٽرز کي اعزازي ڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويندا. اعليٰ ٽيڪس ڏيندڙن کي سمورن ايئرپورٽس تي وي آءِ پي لائونجز تائين رسائي ۽ اميگريشن ڪائونٽرن تي فاسٽ ٽريڪ ڪليئرنس ملندي.  آنر ڪارڊ هولڊرز کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا ۽ کين وزيراعظم سان گڏ سالياني ڊنر جي دعوت پڻ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو