ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي ڀيڻ انعم مرزا شادي ڪري ڇڏي

ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي ڀيڻ انعم مرزا شادي ڪري ڇڏي

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا هلندڙ سال جي آڪٽومبر تي تصديق ڪئي هئي ته ان جي ڀيڻ ڊسمبر ۾ شادي ڪندي ۽ هاڻي ان جي شادي جي رسمن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي به اچي ويون آهن. ثانيه مرزا جي ڀيڻ انعم مرزا جي شادي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد اظهرالدين جي پٽ اسدالدين سان ٿي آهي. واضح رهي ته گذريل سال ان شادي متعلق خبرون ميڊيا تي اچڻ لڳيون هيون. صرف اهو ئي نه پر جوڙي پنهنجي شادي جون تصويرون ۽ وڊيو پاڻ به سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي شيئر ڪيون هيون. ان کان علاوهه ثانيه مرزا پاڻ به پنهنجي ڀيڻ جي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون. ان موقعي تي هو پنهنجي پٽ سان گڏ نظر آئي پر ان جو مڙس ڪرڪيٽ شعيب اختر تقريب ۾ نظر نه آيو جيتوڻيڪ شعيب ملڪ پنهنجي پٽ جي تصوير مداحن سان ضرور شيئر ڪئي آهي. شادي جي موقعي تي ثانيه مرزا سائي رنگ جي جوڙي جي چونڊ ڪئي جڏهن ته ان سان گڏ کوڙ سارو زيور به پاتو. خيال رهي ته 25 سالا انعم مرزا عمر ۾ ثانيه مرزا کان 7 سال ننڍي آهي هن هلندڙ سال پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پيرس ۾ ورتل تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ان جي شادي متعلق ڳالهيون سامهون آيون. جڏهن ته اسدالدين به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي انعم مرزا سان گڏ ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪري چڪو آهي. واضح رهي ته اها انعم مرزا جي ٻي شادي آهي ان کان اڳ هن جي شادي 2016 ۾ بزنس مين اڪبر رشيد سان ٿي هئي پر 2018 ۾ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته ثانيه مرزا جي شادي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ سان اپريل 2010 ۾ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو