ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ارڙهن سالن کان بدترين حڪومت هلي رهي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ڪامران ٽيسوري کي عوام جو گورنر بڻايو، ڪامران ٽيسوري کي گل پلازه متاثرين سان گڏ بيهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، ڪامران ٽيسوري کي صلاح مشوري کانسواءِ هٽايو پيو وڃي.فاروق ستار چيو ته اسان کي ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ جو فيصلو ريڊ لائين بڻائڻو آهي. فاروق ستار تجويز ڏني ته هاڻي ايم ڪيو ايم کي به حڪومت کان الڳ ٿيڻ گهرجي، ۽ رمضان کان پوءِ تيار رهڻ گهرجي.










