ملير (ڊ ر ) گلشن حديد فيزون دياري حبيب مسجد لڳ مين روڊ تي سنسار پبليڪيشن ۽ بڪ بئنڪ پاران ٻيو رعايتي ڪتابي ميلو ڪالھ پڄاڻي تي پهتو، ڪتابي ميلو نامياري ليکڪ ۽ ڀٽائي جي ڄاڻو ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو،رعايتي ڪتابي ميلي کي سنڌي، اردو، انگريزي ادب جي سوين ڪتابن سان سينگاريو ويو جتي ڪتاب سستي اگهه تي دستياب هئا، ان موقعي تي نامياري ريڊيو ڪمپيئر ۽ شاعر سڪندر سرواڻ جي جيل ڊائري تي آڌاريل ” گھنگھر گهاريم ڏينهڙا” جو مهورت پڻ جي تقريب پڻ ڪئي وئي، 9 جولائي کان 11 جولائي تائين جاري رعايتي ڪتابي ميلو مڃتا طور سنڌ جي ناليواري اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ کي ارپيو ويو, ميلي ۾ اصغر باغي, اسلم کٽياڻ, مير ذوالفقار , غني ڪانڌڙو، شبير لاکو ،ولي ناريجو، سڪندر جوڳي، مظهر جوڻيجو، سيد رحمان شاه ، يعقوب پٺاڻ, نذير چنا, جمشيد زهراڻي، اسماعيل پنھور، فيروز ڪيريو، نبيل مير جت ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










