ٽنڊو ڄام: مبينا پوليس مقابلو، بس ڦر ڪندڙ 4 جوابدار مارجي ويا

ٽنڊو ڄام: مبينا پوليس مقابلو، بس ڦر ڪندڙ 4 جوابدار مارجي ويا

ٽنڊو ڄام (ن س )ٽنڊي ڄام ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ چار جوابدار مارجي ويا.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار مسافر بس ۾ ڦر جي واقعي ۾ ملوث هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن جا 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس موجب، جوابدارن 4 اپريل تي عمرڪوٽ کان ڪراچي ايندڙ بس جي مسافرن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو