روڊ جي30 سالن کان مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

روڊ جي30 سالن کان مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) ٽنڊوباگو ڏيئي ڊگهڙي روڊ جي مرمت ۽ 30سالن دوران منظور ٿيل ٽينڊرن جي جاچ لاء روڊ ائڪشن ڪميٽي پاران حسيني چوڪ کان شهيد فاضل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هاء ويز ڊپارٽمينٽ جو پتلو ساڙيو ويو جتي روڊ ائڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن  مهراڻ درس محمد يوسف رستماڻي مرتضا جمالي مرتضا شام  علي محمد جمالي هريش ڪمار رمضان رستماڻي فتح خان جمالي گل حسن کوسو عوامي تحريڪ اڳواڻن لکاڏنو سريش ڪمار ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ps  تلهار ۽ps  ٽنڊوباگو جي تڪن مان لنگهندڙ هڪ وڏو مين روڊ جيڪو ٻن ڊويزنن جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ ۽ هن علائقي جي معاشي ترقيء جو ذريعو هي اهم روڊ 30 سالن کان تباه حال بنيل آهي جنهن جا مختلف وقتن تي 3 ٽينڊر به ٿي چڪا آهن پر سرزمين تي ڪم ٿيڻ بدران اهي ڪروڙين روپيا هڙپ ٿي چڪا آهن جنهن لاء هتان جو عوام روڊ ائڪشن ڪميٽيء جي اڳواڻيء ۾ سراپا احتجاج آهي پر ڪرپشن جي ور چڙهيل نظام جا ڪامورا توڙي چونڊيل نمائيندا ڪو به ڌيان نٿا ڏين هنن الزام هنيو ته اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي اسان جي گهر کي جائز سمجهي اسان جو ساٿ ڏيڻ بجاء اسان کي هيسائڻ لاء سازشون ڪري اسان جي جدوجهد کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪن پيا هنن چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ کي هن ڪرپشن جو سوموٽو ائڪشن وٺي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ روڊ جي مرمت جو ڪم جلد ڪرائڻ جي پڻ گهر ڪئي آهي انهي موقعي تي هنن اعلان ڪيو ته 14 جنوري تي ٽنڊو باگو ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو