ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ماءُ ڌيءَ فوت

ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ماءُ ڌيءَ فوت

ڪوٽڙي:(ن س) ڪوٽڙي سائيٽ جي ٽيليگراف روڍ وٽ تيزرفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ماءۡ ۽ ڌيءۡ ٿڏي تي فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. فوتين ۽ زخمي کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊائيور موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. رپورٽ موجب ڪوٽڙي روڊ تي سنگم سٽي سامهون ڪوٽڙي کان ڄامشورو طرف ويندڙ موٽرسائيڪل سوار مٿان ڄامشورو کان ايندڙ ٽرڪ چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ مسمات زرينا کوسو زال سومار کوسو۽ سندس ڌيءۡ عجيبا کوسو موقعي تي فوت جڏهن ته نوجوان قربان کوسو سخت زخمي ٿي پيو جن کي فوري طور مقامي ماڻهن اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽرسائيڪل سوار ڪوٽڙي کان ڄامشورو طرف وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو, فوتي ڄامشورو پاورهائوس جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو