ٽرمپ چونڊ ريلي دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي،حملو ڪندڙ مارجي ويو

ٽرمپ چونڊ ريلي دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي،حملو ڪندڙ مارجي ويو

پنسلوانيا: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست پنسلوانيا جي علائقي بٽلر ۾ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ چونڊ جلسي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ مبينه طور حملي آور مارجي ويو آهي.ري پبلڪن اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ ريلي کي خطاب ڪري رهيو هو جتي کيس پنهنجي نائب صدر جي اميدوار جو اعلان ڪرڻو هو ته اوچتو فائرنگ جي زوردار آواز سان ريلي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. اڳوڻو صدر اسٽيج تي ڪري پيو جنهن کي سيڪرٽ سروس جي ايجنٽن فوري طور تي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو.ڪائونٽي پراسيڪيوٽر چيو آهي ته ريلي ۾ فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ويو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب حملو ڪندڙ مارجي ويو آهي.خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اڳوڻو صدر انهي واقعي ۾ زخمي ٿيو آهي سندس چهري ۽ کاٻي ڪن تي رت جا نشان ڏٺا ويا آهن. ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ٺيڪ آهي ۽ هڪ مقامي طبي مرڪز ۾ ان جو طبي معائنو ڪيو پيو وڃي. ترجمان اسٽيون چيونگ چيو ته صدر ٽرمپ اهڙي واقعي دوران فوري ڪارروائي ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ امدادي ادارن جو ٿورو ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ هڪ فعال جاچ جاري آهي.وائٽ هائوس چيو آهي ته صدر جوبائيڊن، جيڪو هن وقت پنهنجي اباڻي رياست ڊيلاويئر ۾ آهي انهي کي انهي واقعي جي شروعاتي بريفنگ ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو