ٽرمپ پنهنجي عملي قدمن سان دنيا ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏي پيو

ٽرمپ پنهنجي عملي قدمن سان دنيا ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته جنگيون ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪندڙ آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي عملي قدمن سان دنيا ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، کيس تاريخ ۾ سڀ کان وڏي جنگي ڏوهاري طور ياد رکيو ويندو. حڪومت پاڪستان نام نهاد بورڊ آف پيس مان نڪرڻ جو اعلان ڪري. ٽرمپ جي غزه امن بورڊ ۾ دوکي کان سواءِ ڪجهه به ناهي رکيو. پاڪستان کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مذمت ڪرڻ ۽ اعلانيه طور تي ايران سان گڏ بيهڻ گهرجي. حڪمران طبقو پنهنجي اقتدار جي خاطر آمريڪا ۽ اسرائيل جو غلام بڻيل آهي، عوامي مفاد سندن نظر ۾ ناهي. موجوده نازڪ صورتحال ۾ امت کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. رمضان قرآن ۽ انقلاب جو مهينو آهي، جيڪو حق جي غلبي ۽ برائي جي خاتمي لاءِ اٿڻ جو درس ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي نائب امير حبيب الله شيخ مرحوم جي صاحبزادن پاران مقامي شادي هال ۾ منعقد ڪيل دعوتِ افطار جي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.ڪاشف سيعد شيخ وڌيڪ چيو ته نام نهاد جمهوريت جا دعويدار جعلي حڪمران ٽولو غربت ختم ڪرڻ بدران غريبن جي خاتمي واري پاليسي تي هلي رهيو آهي. فارم 47 جي پيداوار جعلي حڪومت معيشت، سياست ۽ امن امان قائم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون، پر اڄ ملڪ دهشتگردي جي ڄار ۾ ڦاٿل جڏهن ته معيشت تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي. جماعت اسلامي ظالم ۽ بي حس حڪمرانن خلاف عيد کان پوءِ ”بدلايو نظام-سنواريو سنڌ کي“تحريڪ جي شروعات ڪري رهي آهي. سنڌ جي عوام کي گهرجي ته هاڻي بار بار آزمايل ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ڄار مان نجات لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين ته جيئن سندن مستقبل محفوظ ۽ دردن جو درمان ٿي سگهي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو