ٻٽي قتل جي جوابدار کي 2 ڀيرا ڦاهي ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا

ٻٽي قتل جي جوابدار کي 2 ڀيرا ڦاهي ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) گهوٽڪي ايٽ ميرپور ماٿيلو جي ايڊيشنل سيشن جج ٽو مسٽر سميع الله قريشي ٻٽي قتل جي جوابدار صبغت الله عرف جيئل چاچڙ کي 2 ڀيرا موت جي سزا ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جوابدار زمين جي تڪرار تان ڀاڄائي ۽ سندس ماسات/ ماروٽ کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو هو ۽ مٿس قتل عمد ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس سزا ٻڌائي. عدالتي حڪم موجب ڏنڊ جي رقم ٻنهي مقتولين جي وارثن ۾ برابري جي بنياد تي ورهائي ويندي. جوابدار اڳ ۾ ئي سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي تائيد بعد فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو جوابدار تي نظرداري ڪن ۽ هاءِ ڪورٽ مان ڪنفرميشن بعد فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. ياد رهي ته جوابدار 2004 ۾ اهي قتل ڪرايا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو