ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قصر ناز وٽ 150 سال پراڻو برگد جنهن کي سنڌي ۾ ٻاهڙ يا ٻاڙ به ڪوٺبو آهي، جو ڪريل وڻ ٻيلي کاتي پاسي ۾ محفوظ جاءِ تي پوکي ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير ٻيلي کاتي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تاريخي پراڻي وڻ کي محفوظ انداز ۾ ٻيهر پوکڻ فخر جوڳو عمل آهي. وڏير وزير جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر جي اڳواڻي ۾ ٻيلي کاتي جي ٽيم آپريشن مڪمل ڪري رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته فنگس، اڏوهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ڪريل وڻ جون پاڙون ڪمزور ٿيون ۽ تازو تيز هوائن ۽برساتن ۾ وڻ ڪري پيو هو.










