ٻوڏ متاثرن جا ڪٿي به گهر نه اڏجي سگهيا، مذمت ٿا ڪريون

ٻوڏ متاثرن جا ڪٿي به گهر نه اڏجي سگهيا، مذمت ٿا ڪريون

نئون ڪوٽ(ن سنڌيار) سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ جي حڪومت آهي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين کي گهر ٺاهي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ان تي اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به ڪم نه ڪيو ويو آهي اڃان تائين شهر ۽ڳوٺن ۾پاڻي بيٺل آهي اهڙو اظهار جئي سنڌ محاذ جي چئيرمن رياض چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي ممتاز آريسر سلطان دل مصطفي خاصخيلي سان گڏ نئون ڪوٽ پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ماڻهو ڪڻڪ ۽سرنهن جو فصل پوکي نه سگهيا آهن حڪومت آبادگارن کي پاڻ ۽ٻج ڏيڻ جو اعلان ڪيو اڃان تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي عالمي بئنڪ ايشن بينڪ جا عربي ڊالر سنڌ جي ماڻهن جي بحالي لاءِ مليا پر سنڌ جي ماڻهن جي بحالي نه ٿي سگهي آهي اٽو 150 رپئيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي حڪومت چوي ٿي ته سستي اسان اٽي جا اسٽال لڳايا آهن عربي رپئيا زرداري معافي سرجيل ميمڻ وزير اعلي کائي ويا آهن ان وزير اعلي جي بلاول تعريف پيو ڪري جيڪا پ پ پ بلاول جي صورت ۾آهي جنهن غريب ماڻهن کي بک ڏني آهي ٿر ۾ٻن عورتن کي ڊمپر تي ويهاري چوڻ ٿا ٿر ترقي ڪئي آهي ٿر ۾بک بدحالي آهي ماڻهو خودڪشون پيا ڪن معصوم ٻارڙا بک وگهي تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن ٿر ۾ڪهڙي ترقي ٿي آهي 15 سالن ۾زرداري معافي کي لٽ مار جو لائيسن مليل آهي ڪو پڇاڻو معاف آهي 1940 جي قرادات ۾پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي پاڪستان کي سنڌ ٺاهيو آهي سنڌ هزارين سالن کان اسان جو وطن آهي لٽيرن 9 تاريخ تي خورشيد شاهه جي سربراهي ۾وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو بل پاس ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي اسان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ۽7 ڊسمبر تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر تي 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي جتي هزارين جي تعداد ۾قومي ڪارڪن گڏ هوندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو