اسلام آباد (بيورو رپورٽ )نالي واري قوم پرست اڳواڻ , مفڪر ۽ اسڪالر مولانا عزيزالله ٻوهيو جي 77 هين سالگره جي تقريب اسلام آباد پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي. سالگره تقريب کي خطاب ڪندي اديبن , صحافين , قانون دانن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن عزيزالله ٻوهيو کي صدي جي وڏن ماڻهن مان هڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته سندن فڪر صدين تائين زنده رهندو. سنڌ ساگر اڪيڊمي طرفان ملهايل سالگره تقريب کي خطاب ڪندي نالي واري اديبا گلشن لغاري چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو اهو عالم هو جيڪو انسانيت جو درس ڏيندو هو ,هو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي فڪر جو پوئلڳ هو. پاڻ هڪ ئي وقت عالم مفڪر ۽ سنڌي قوم پرست اڳواڻ هو جنهن مذهبي تعصب کان پاڪ معاشري جي قيام جو تصور ڏنو ۽ ان مقصد لاء پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي.

پاڪستان يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ ۽ نالي واري صحافي خالد کوکر چيو ته عزيزالله ٻوهيو سادگي ۾ اميري واري زندگي گهاري، هو سچو پچو سياسي ورڪر هو جنهن جمهوريت ,انسانيت , سيڪيولر معاشري لاء جاکوڙ ڪئي . هو انسانيت جي پرچار ڪندڙ مبلغ هو انهن جي شخصيت جهڙا ماڻهو جڳن تائين زنده رهندا آهن. عزيز الله ٻوهيو جي ويجهي دوست طاهر شاه خطاب ۾ چيو ته عزيزالله ٻوهيو انسانيت جي پرچار ڪندڙ هڪ مذهبي عالم هو جنهن جي جدوجهد انسانيت جي ڀلائي لاء هئي , هو قرآن جي اصل تعليمات طرف ماڻهن کي راغب ڪندو هو, هو سادگي جو هڪ اعلي مثال هو. ايڊوڪيٽ سروڻ ڀيل خطاب ڪندي چيو ته عزيزالله ٻوهيو اقليتن سان برابري جو قائل هو جنهن وصيت ڪئي ته کيس ڀيلن جي قبرستان ۾ دفنايو وڃي. تقريب کي محسن ڀاڳت , عزيزالله ٻوهيو جي فرزند ارشد ٻوهيو, اسلم سعيد گلال, جسيم ڀٽو علي شير جمالي، غلام رسول ڪنڀر ۽ ٻين خطاب ڪيو. شاعر عامر زيب ڪانگو شاعري ٻڌائي. تقريب ۾ شريڪ مهمانن عزيزالله ٻوهيو جي 77 سالگره جو ڪيڪ به ڪٽيو.

مصور جامي عزيزالله ٻوهيو جو اسڪيچ ٺاهي عزيزالله ٻوهيو جي فرزند ارشد کي تحفي طور ڏنو جڏهن ته سالگره تقريب ۾ عورتن ,عزيزالله ٻوهيو جي پرستارن ۽ اسلام آباد ۾ رھندڙ سنڌين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.










