سڪرنڊ(ن س)بجليءَ جي تار جي مسئلي تان جنڊاهوڙا ۽ رند برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙين، لٺين ۽ سرون لڳڻ سبب جنڊاهوڙا برادريءَ جا ڪنعيو، سندس پٽ اشوڪ، ارجن، وجي، ونود سخت زخمي ٿي پيا. زخمين پاران سڪرنڊ ٿاڻي تي مولا بخش رند، احمد رند ۽ ڇهن نامعلوم ماڻھن خلاف حملو ڪري ڌڪ هڻڻ جي اين سي داخل. جڏھن ته پوليس پاران کين ليٽر جاري ڪري علاج لاءِ تعلقا اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو ويو. جتان وڌيڪ علاج لاءِ کين نوابشاه اسپتال ريفر ڪيو ويو. ان کان اڳ جنڊاهوڙا ڌر جي زخمين پاران سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان ميٽر تي بجلي ٻاريندا آهيون. طوفان سبب بجليءَ جون تارون ڪري پيون هيون جيڪي مٿي ڪرڻ لاءِ وياسين ته مولا بخش رند ۽ احمد رند وارن اسان تي حملو ڪري ڏنو. جنهن بعد اسان گهر هليا آياسين. پر انهن اسان جي گهر تي ڪهاڙين، لٺين سان ڪاھ ڪري اسان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته واپڊا عملي جا ڪجھ ملازم پيسا وٺي ڪنڊيون هڻي ڏين ٿا ۽ اسان انهن تارن سان ڪا به ڇيڙ ناهي ڪئي. اسان پنهنجي هيٺ ڪريل تار مٿي ڪري رهيا هئاسين ته ذڪر ڪيل ماڻھن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










