ٻن سالن کان ڪلاس وٺندڙ شاگردن جو مستقبل داؤ تي نه لڳندو

ٻن سالن کان ڪلاس وٺندڙ شاگردن جو مستقبل داؤ تي نه لڳندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته هو هزارين شاگردن جو مستقبل داؤ تي نه لڳندو جيڪي ٻن سالن کان ڪلاس وٺي رهيا آهن.هن چيو ته هو شاگردن جي ڪورس مڪمل ٿيڻ تائين آئي ٽي پروگرام جاري رکڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ هن پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ جي ڊي سي، سيلاني ۽ بدر ايڪسپو سان رابطو ڪيو آهي.سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته هن پڪ ڪئي آهي ته نئين گورنر تي آئي ٽي ڪورس جاري رکڻ جو مالي بار نه پوي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا اهي ئي شاگرد آئي ٽي جو امتحان پاس ڪن ٿا ته اهي هر مهيني هزارين ڊالر ڪمائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو