خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ سبق ياد نه ڪرڻ تان معصوم ٻار عبدالقدير لاشاري مٿان مولوي عبدالغني لاشاري پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد مولوي علائقي مان فرار ٿي ويو آهي. علائقي واسين ٻڌايو ته مولوي ڳوٺ جي معصوم ٻارن تي هر روز تشدد ڪندو رهندو هو. بااثر هجڻ ڪري سندس خلاف ڪوبه دانهڻ لاء تيار نه هو. متاثر نينگر جي وارثن ايس ايس پي خيرپور سميت انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته مولوي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.










