پشاور(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جعلسازي ذريعي پاڪستاني شهريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ کان پوءِ هڪ افغان شهري سميت چار شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ صديق الله، سميع الله، فياض خان ۽ يونس خان شامل آهن. گرفتار جوابدار صديق الله هڪ افغان شهري آهي. افغان شهري جعلي دستاويزن تي پاڪستاني شهريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.ايف آءِ اي ترجمان چيو ته جوابدار يونس خان پاڻ کي افغان شهري جو پيءُ پيش ڪيو. يونس خان جعلسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته جوابدار فياض خان ۽ سميع الله شاهدن ۽ تصديق ڪندڙن جو ڪردار ادا ڪيو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، صديق الله جي پاڪستاني شهريت جي غير قانوني طور تي تصديق ڪئي وئي هئي. سڀني شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










