ٺٽي ۾ هٿياربندن جي ڊرائيورن کان ڦرلٽ، متاثرن جو احتجاج

ٺٽي ۾ هٿياربندن جي ڊرائيورن کان ڦرلٽ، متاثرن جو احتجاج

ٺٽو (عبدالوحید سومرو) ٺٽي لڳ چليا وٽ ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي هٿياربندن جي ڊرائيورن کان ڦرلٽ ٽرالر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن احتجاج طور قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏيو سوين گاڏيون بيهجي ويون اڄ صبح فجر مهل نامعلوم هٿياربندن ٺٽي ويجهو چليا ٽول پلازه وٽ روڊ بلاڪ ڪري هٿيارن جي زور تي ٽرالرن ۽ ٽرڪن کي بيهاري کانئن روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي خلاف ڊرائيورن عبدالمجيد بروهي الھڏنو خان ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ ٽرالرن ۽ ٽرڪن کي مين قومي شاهراه تي بيهاري ڦرلٽ واقعي خلاف احتجاج طور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو گاڏيون بيهاري احتجاج سبب ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي سوين گاڏيون بيٺل آهن، احتجاج ڪندڙ ڊرائيور چيو ته ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي اسان ڊرائيورن کان ڦرلٽ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن پر پوليس انتظاميه ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڏياريو وڃي:

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو