ٺل (عبدالنبي شيخ) شهر جي پوليس اسٽيشن جو ايس ايڇ او معطل ۽ ڊي ايس پي موڪل تي آهي، چارج چورن ۽ ڦورن حوالي. ڳوٺ لقمان سرڪي جي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو معصوم نينگر احمد علي بنگلاڻي کي سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل سي ڊي 2018 ماڊل ڦرڪرڻ بعد آرام سان فرار ٿي ويا,جڏھن ته ايس ايڇ او اي سيڪشن ڪافي ڏينهن کان معطل هجڻ سبب چارج چورن ۽ ڦورن حوالي آھي,جڏھن ته ڊي ايس پي ٺل غلام محمد مخدوم موڪل تي هجڻ سبب ٺل شھر تي چورن ۽ ڦورن جو راڄ آھي,ٺل پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو,مظاهرين غلام علي بنگلاڻي,علي مراد,لالو,گاهي خان,غلام مصطفي,طارق علي,اخواني,محمد مراد,عبدالڪريم,عبدالوهاب,محمد بخش بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته ٺل پوليس جي نا اهلي سبب ڏينهن ڏٺي جوفرون ٿي رهيون آهن.










