ٺري ميرواهه، جن ڪڍڻ دوران ڀوپي جي تشدد سبب نينگري فوت

ٺري ميرواهه، جن ڪڍڻ دوران ڀوپي جي تشدد سبب نينگري فوت

ٺري ميرواهه (ن س) بوزداروڏا ڀرسان ڳوٺ حسن الدين مهراڻي ۾ 16 ورهين جي نينگري فريده ولد امام بخش گوپانگ جن ڪڍڻ دوران ڀوپي جي تشدد سبب فوت ٿي وئي.
نينگري جي وارثن موجب هنگورجا واسي ڀوپي ڪوڙل شاه نينگري فريده گوپانگ تي سخت تشدد ڪيو جنھن دوران ھو فوت ٿي وئي اطلاع ملڻ تي بوزداروڏا پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري فريده گوپانگ کي 10 ڏينهن اڳ بخار آيو هو جنهن بعد سندس والد ڌاڳن ڦيڻن واري ڀوپي هنگورجا واسي ڪوڙل شاهه کي گهرايو جنهن چيو ته نينگري کي غيب جو اثر جن آھن جنهن جن ڪڍڻ دؤران نينگري فريده گوپانگ تي مبينا تشدد ڪيو جنهن بعد رات دير سان نينگري فوت ٿي وئي.
ٻئي طرف فوت ٿي ويل نينگري جي لاش کي ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو

پهنجو تبصرو موڪليو