ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر زيلنسڪي اعلان ڪيو آهي ته دفاع واري وزير اوليسڪي ريزنخوف کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. يوڪرين جي اسٽيٽ پراپرٽي فنڊ جي سربراهه رستم عمروف کي دفاع جو نئون وزير نامزد ڪندي صدر زيلنسڪي چيو ته ”منهنجو خيال آهي ته هن وقت اسان کي دفاع واري وزارت ۾ هڪ نئون رويو متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ۽ سڄي سماج، فوج سميت، نئين طريقن سان رابطي جي ضرورت آهي.يوڪرين ميڊيا موجب اوليسڪي ريسينخوف کي بچاءَ واري وزير جي عهدي تان هٽائڻ بعد برطانيا جو سفير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.










