يوٽيلٽي اسٽورن جو ڪم بند، اثاثا ۽ ملڪيتون تحويل ۾ رکڻ لاءِ تيار

يوٽيلٽي اسٽورن جو ڪم بند، اثاثا ۽ ملڪيتون تحويل ۾ رکڻ لاءِ تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي آپريشن کي بند ڪرڻ ۽ ان جي اثاثن ۽ ملڪيت کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي آپريشن کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي.صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير 7 رڪني ڪميٽي جي سربراهي ڪندو، جڏهن ته ناڻي وارو وزير ۽ آئي ٽي جو مملڪتي وزير ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا.ان کان علاوه، وفاقي سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن ڪميٽي ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪميٽي ميمبرن ۾ سيڪريٽري نجڪاري ۽ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي پڻ شامل آهن.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڪميٽي لاءِ ٽي او آرز کي به آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي آپريشن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو طريقيڪار طئي ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ڪارپوريشن جي ملڪيت، اثاثن جي تحفظ ۽ سار سنڀال لاءِ انتظامن جو تعين ڪندي ۽ ڪارپوريشن جي ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪرڻ جي انتظامن جو به جائزو وٺندي.ان کان علاوه ٻين سرڪاري ادارن جي پوسٽن تي ملازمن جي انضمام جو به جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان پيڪيج جي فراهمي لاءِ بي آءِ ايس پي سان ڪوآرڊينيشن حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ڪميٽي کي شعبي جي مدد فراهم ڪندي. ڪميٽي 7 ڏينهن اندر وفاقي ڪابينا کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو