يومِ تڪبير موڪل، واپارين پاران بازارون بند نه ڪرڻ جو اعلان

يومِ تڪبير موڪل، واپارين پاران بازارون بند نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)يوم تڪبير تي اوچتو موڪل تي واپاري برادري حيران ۽ امتحان وٺندڙ شاگرد پريشان آهن.واپاري برادري جو چوڻ آهي ته مختلف ڪيسن ۾ بئنڪ ٽرانزيڪشن ڪرڻي پوندي آهي، اوچتو موڪل سان ٽرانزيڪشن متاثر ٿي ۽ ڪاروباري اعتماد گهٽجي ٿو.لاهور ۾ انجمن تاجران اڄ بازارون کليل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڪراچي جا تجارتي مرڪز به کليل رهندا.ڪراچي ٽريڊرز يونين جي چيئرمين عتيق مير چيو آهي ته واپارين جو ڪاروبار سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي، اهي موڪلون برداشت نٿا ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو